شيخ محمد مريد سيوهاڻي

شيخ محمد مريد سيوهاڻي: شيخ محمد مريد اصل ۾ سيوهڻ جو رهاڪو هندو قانون گو، عالم ۽ عارف هو. هو مشهور وڪيل ۽ شاعر به هو، اورنگزيب عالمگير جي دور ۾ مسلمان ٿيو. سندس هوشياريءَ جي هاڪ دهلي درٻار تائين پهتي، عالمگير کيس حڪومت پاران سيوهڻ جو قانون گو (وڪيل) مقرر ڪيو. هن پنهنجي دور جا سرڪاري ۽ عوامي فيصلا انصاف سان ڪيا. کيس هڪ پٽ هو، جنهن جو نالو شيخ محمد محفوظ هو، سو بادشاهه جو وڪيل ٿيو. شيخ مريد جي خاندان مان ڪيترا قانون گو اڄ تائين سيوهڻ ۾ رهن ٿا، جن مان ’رام‘ ۽ ’لڌو‘ مشهور آهن. جيڪي لعل شهباز جا مريد آهن ۽ عرس جي موقعي تي ميندي ڪڍن ٿا. هن خاندان جا مسلمان شيخ پڻ سيوهڻ ۾ رهن ٿا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو